حضور بخش ’صوفي‘

حضور بخش ’صوفي‘

حضور بخش صوفي

حضور بخش ’صوفي‘: مشهور اديب، هاري ۽ قومپرست اڳواڻ، حضوربخش ’صوفي‘ 1950ع ڌاري جهوڪ شريف، ضلعي ٺٽي ۾پيدا ٿيو. پاڻ صوفين جي سرتاج حضرت صوفي شاهه عنايت شهيدرح جي خاندان مان اٺين سجاده نشين صوفي غوث بخش جو ڏوهٽو آهي، جڏهن ته نائون سجاده نشين صوفي عبدالستار سندس مامو هو. صوفي حضوربخش پرائمري تعليم سنڌي ڇهه درجا پڙهيو. هي فائنل جي تياري ڪري ئي رهيو هو ته ان سال فيلڊ مارشل ايوب خان سنڌي فائنل جو امتحان ختم ڪري ڇڏيو. ان ڪري هو فائنل پاس ڪري نه سگهيو. صوفي حضوربخش 1969ع ۾ ’نيشنل عوامي پارٽيءَ‘ جو ميمبر ٿيو. 23 سالن جي عمر ۾ 1973ع ڌاري هن پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ يونين ڪائونسل جهوڪ جو صدر بڻيو. 1975ع کان هن لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهريون مضمون ’شاهه عنايت شهيد‘ عنوان سان روزانه هلال پاڪستان اخبار ڪراچيءَ ۾ شايع ٿيو. هن جي انقلابي طبيعت سبب جلد ئي کيس پيپلز پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو ۽ روزانه هلال پاڪستان جي تعلقي ميرپوري بٺوري جي نمائندگيءَ تان به کيس هٽايو ويو.
سندس هڪ تصنيف ’شاهه عنايت شهيد‘ 1980ع ۾ شايع ٿي، جنهن کان پوءِ ’قومي خودمختياري ۽ پليجو‘ ۽ ’هاري رپورٽ‘ ڪتاب لکي شايع ڪرايائين. هن پنهنجن ٻين سياسي رفيقن، قاسم پٿر، لکو مل لوهاڻي، عمر خشڪ ۽ ٻين سان گڏجي 1978ع ۾ ’سنڌ نيشنل ڪانگريس پارٽيءَ‘ جو بنياد وڌو. 1980ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.
1983ع ۾ جنرل ضياء الحق جي مارشل لا خلاف ايم. آر. ڊيءَ دوران ٺٽي جي مارشل لا ڪورٽ کيس ڏهن ڪوڙن ۽ ٻن لک روپين ڏنڊ سان گڏ هڪ سال جي سزا ٻڌائي ۽ هو سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد رهيو. هارين جي حقن جي حمايت سبب کيس جاگيردارن جي عتاب جو شڪار ٿيڻو پيو ۽ خاندان جي بزرگن سندس سماجي بائيڪاٽ ڪيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي.
صوفي حضور بخش ’صوفي شاهه عنايت شهيد‘ عنوان سان هڪ تفصيلي ڪتاب 2007ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو. هو مختلف سنڌي اخبارن عوامي آواز، ڪوشش، هلال پاڪستان، سنڌ، ۽ رسالن ۾ مسلسل لکندو رهندو آهي ۽ هن وقت جيئي سنڌ محاذ جو جنرل سيڪريٽري آهي، جنهن جو سربراهه سرور سهتو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو